{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > زبان جي سياسي > خيبر پختونخواه ۾ ماءُ ٻوليون لاڳو ٿينديون

خيبر پختونخواه ۾ ماءُ ٻوليون لاڳو ٿينديون

زبير احمد
October 18th, 2010
5 / 5 (1 Votes)

خيبر پختونخواه ۾ ماءُ ٻولي لاڳو ڪرڻ جون تياريون جاري آهن جتي ڪابينا جي ڪاميٽي صوبي ۾ سڀ ماءُ ٻوليون پڙهائڻ واري هڪ فارمولي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

 

پشتو سان گڏوگڏ هندڪو، سرائيڪي، کوار ۽ ڪوهستاني ٻولين کي اسيمبلي ۾ قانون جي ذريعي صوبي جون لازمي ٻوليون قرار ڏنو ويندو ۽ هنن ٻولين کي نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو جتي جتي انهن ٻولين جي گهڻي ڊمانڊ هوندي.

 

ڪاميٽي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته پشتو ٻولي کي صوبي جي 17 ضلعن ۾ ماءُ ٻولي لاڳو ڪيو وڃي جڏهن ته ڊيره اسماعيل خان ۾ سرائيڪي، چترال ۾ کوار، ڪوهستان ۾ ڪوهستاني، هزاره ۾ هندڪو ۽ پشاور ۾ هندڪو ۽ پشتو ٻوليون پڙهايون وينديون.

 

خيبر پختونخواه صوبي جي سرڪاري حڪم جي جيتري به تعريف ڪئي اوتري گهٽ هوندي. پهريون ڀيرو ڪنهن صوبي جي عوام کي ٻولي جي آڌار تي ورهائڻ بدران ملايو ويو آهي. اسانجي ملڪ ۾ عوامي ٻولين کي ڪڏهن به تسليم ڪونه ڪيو ويو ڪيتريون ئي جمهوري حڪومتون آيون ۽ هليون ويون پر عوام جي ٻولي واري مسئلي تي ڪنهن به ڌيان ڪونه ڏنو. عوام تي ملڪ ۾ صرف 7 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي يعني اُردو ٻولي لاڳو ڪئي وئي ۽ اردو ٻولي کي ئي ماءُ ٻولي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اِها ته ماڻهن ۽ سندن امير ٻولين جو نصيب آهي ته اِها لشڪري ٻولي هنن جي ٻولي ڪونه بڻجي سگهي.

 

جيڪڏهن ڀائرن کي اعتراض نه هجي ته ائين به چئي سگهجي ٿو ته هن ڌاري ٻولي جيڪا اسانجي مٿان ”قومي ٻولي“ جي نالي تي مڙهي وئي آهي انهيءَ ٻولي اسانکي ورهايو آهي جيڪڏهن اسين هڪ ٻي سان پشتو، سنڌي ٻوليون ڳالهائيندا سين ۽ اهي ٻوليون اسانکي پڙهايون وڃن ته اسين پنهنجي ٻولي سان گڏوگڏ ٻي صوبي جي ٻولي پڻ سکي سگهندا هئا سين ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ها. پنجابي، سرائيڪي يا ڪنهن ٻي صوبي جي ٻولي هن مان تخت شاهي يا راڄ شاهي جو ڏنگ ڪڍي ڇڏيندي آهي ۽ اسانجي ٻولي ته بزرگن جو ڪلام آهي جنهن ۾ فقيري جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو ويو آهي.

 

هڪ تمام سُٺي ڳالهه اِها ڪئي وئي آهي ته جڏهن ماءُ ٻولي پڙهائڻ جو قانون منظور ٿيندو ته پوءِ اِها ڳالهه سڀنيءَ تي لاڳو ٿي ويندي جنهن ۾ نجي ادارا پڻ شامل آهن جنهن ۾ انهن کي ماءُ ٻولي بنيادي ڪلاسن کان وٺي 12 هين ڪلاس تائين پڙهائڻي پوندي.

 

ان ڪاميٽي جي هڪ ٻي سُٺي ڳالهه اِها آهي ته هن پشاور شهر ۾ هندڪو ۽ پشتو ٻوليون لاڳو ڪيون آهن ڇاڪاڻ ته پشاور شهر پهريان هندڪو ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو شهر هو جڏهن ته ڳوٺن ۽ ارد گرد پشتو ٻولي پڻ ڳالهائي ويندي هئي. هاڻي پشاور کي شهر ۽ ڳوٺ ۾ ورهائڻ جي صلاح تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن ماءُ ٻولي کي صحيح لحاظ سان لاڳو ڪري سگهجي.

 

خيبر پختونخواه صوبي جون سموريون ٻوليون لاڳو ڪري انهن ماڻهن کي منهن توڙ جواب ڏنو آهي ته توهان پنجابي ۽ توهان سرائيڪي چاهيو ٿا، اهڙي طرح هميشه ڪو نه ڪو مسئلو ٿيندو هو پر هاڻي اِهو جواز پڻ ختم ٿي ويو آهي هاڻي صوبي ۾ سرائيڪي، هندڪو، پوٽوهاري ۽ پنجابي لاڳو ڪرڻ سان جهيڙو ختم سگهجي ٿو.

 

مستقبل ۾ جيئن جيئن حقن جون ڳالهيون وڌنديون ته پراڻي سياست جا بُرج اونڌا ٿيندا، عوام حقن جي ڳالهه سان ٻولي ۽ معاشري جون ڳالهيون پڻ وڌنديون پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل صوبي جي حڪمرانن کي انهيءَ ڳالهه جي هوش ناهي يا وري هو ڄاڻي واڻي چپ آهن. پر هن نئين سياست ۾ ڇا بچندو ۽ ڇا نه بچندو هنن کي انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي. پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته هاڻي رياست جي پراڻي بناوٽ گهڻو عرصو هلي ڪونه سگهندي ۽ جديد دور جي جديد سوچ ضرور ايندي.

 

اسين اڄ به پنجاب جي حڪمرانن کي درخواست ڪريون ٿا ته هو وقت جي وهڪري کي سڃاڻڻ ۽ دنيا سان گڏجي وک وڌائن جڏهن سڄي دنيا ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته ٻار جو حق سندس ماءُ ٻولي آهي ته توهان دنيا سان مهاڏو ڇو اٽڪائي رهيا آهيو، سچ جو رستو ڇو روڪندا آهيو. نه ته اچڻ وارو وقت توهانکي ائين تباهه ڪندو جيئن ايوب ۽ ضياء ۽ ٻيا ٿيا هئا.