{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > بلغاريه: سياسي جماعت گڏهه کي ميئر لاءِ اُميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

بلغاريه: سياسي جماعت گڏهه کي ميئر لاءِ اُميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

ويچار ڊيسڪ
October 4th, 2011

بلغاريه ۾ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ هڪ سياسي جماعت هڪ گڏهه کي پنهنجي اُميدوار طور چونڊرائڻ لاءِ اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 

سوسائٽي فار نيو بلغاريه نالي جماعت مارڪو نالي گڏهه کي هن عهدي لاءِ اِهو چوندي چونڊيو آهي ته جانور نه چور ٿيندا آهن نه ئي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.

 

سياسي جماعت جي چونڊن جي ڪمپين جي سربراهه اينجل ڊينڪوف ميڊيا کي ٻڌايو ته ”ميئر جي عهدي لاءِ ٻئي اُميدوارن جي ابتڙ گڏهه جو ڪردار شفاف آهي ڇاڪاڻ ته نه چور آهي نه ئي ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ پنهنجو ڪم ايمانداري سان مڪمل ڪري ٿو.

 

هاڻي بلغاريه واسي گڏهه کي اُميدوار طور قبول ڪندا يا نه اِهو فيصلو 23 آڪٽوبر تي ٿيندو.