{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن کان سُٺو ٿيندو آهي: تازي ريسرچ

اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن کان سُٺو ٿيندو آهي: تازي ريسرچ

ويچار ڊيسڪ
August 19th, 2011

تازي ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن کان سُٺو ٿيندو آهي. هيلٿ سپلمنٽ انسٽيٽيوٽ ”بائيو گلين“ پاران ڪيل سروي سان معلوم ٿيو آهي ته اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن جي مقابلي ۾ سُٺو ٿيندو آهي.

 

هن ريسرچ ۾ 5 هزار ماڻهن کي شامل ڪيو ويو. تجرباتي رپورٽ سان واضح ٿيو ته اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن کان سُٺو هو، هن ڏينهن ماڻهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ آرام ڪيو، پنهنجو من پسند کاڌو کائڻ کي ترجيح ڏني. ماهرن هن ڏهاڙي کي ماڻهن جي رويي جي حساب سان بهترين ڏهاڙو قرار ڏنو آهي. سوري يونيورسٽي جي نفسياتي ماهر ڊاڪٽر وڪي سينئر چيو ته هي اهڙو ڏينهن آهي جڏهن اسين پنهنجي زندگي تي مڪمل طور اختيار حاصل ڪري سگهون ٿا پر اِهو رويو غير مستقل طور هڪ ڏينهن لاءِ ٿيندو آهي.