{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > وهاڙي: نچڻ کان انڪار ڪرڻ تي مڙس زال جو نڪ ۽ چپ وڍي ڇڏيا

وهاڙي: نچڻ کان انڪار ڪرڻ تي مڙس زال جو نڪ ۽ چپ وڍي ڇڏيا

ويچار ڊيسڪ
October 24th, 2011
5 / 5 (3 Votes)

وهاڙي ۾ شادي جي تقريب ۾ نچڻ کان انڪار ڪرڻ تي مڙس زال جو نڪ ۽ چپ وڍي ڇڏيا. ڏوهاري خلاف ڪيس داخل ڪري کيس ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. پوليس موجب وهاڙي جي قصبي لڏن ۾ محمد عباسي نالي شخص سندس زال گلشن بي بي کي شادين جي فنڪشنز ۾ نچڻ تي مجبور ڪندو هو انڪري زال مڙس جي وچ ۾ جهيڙو ٿيندو هو.

 

ڪجهه ڏينهن پهريان گلشن بي بي سندس مڙس کان رُسي ماءُ پيءُ جي گهر هلي وئي بعد ۾ ڏوهاري عباس کيس پرچائي گهر وٺي آيو پر گهر اچڻ بعد زال جو نڪ ۽ چپ وڍي فرار ٿي ويو. گلشن بي بي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي اسپتال آندو ويو. 8 مهينا پهريان ڏوهاري عباس ۽ گلشن بي بي جو پسند جو پرڻو ٿيو هو. ٿاڻي لڊن پوليس متاثره عورت جي ماءُ جي درخواست تي ڏوهاري عباس خلاف ڪيس داخل ڪري سندس ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.