{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > ذهني ڊپريشن کان نجات، ڪافي عورتن لاءِ فائديمند

ذهني ڊپريشن کان نجات، ڪافي عورتن لاءِ فائديمند

ويچار ڊيسڪ
September 28th, 2011
5 / 5 (1 Votes)

تازي تحقيق سان ثابت ٿيو آهي ته روزانو 4 ڪپ ڪافي پيئندڙ عورتون، هنن عورتن کان گهٽ ذهني ڊپريشن جو شڪار آهن جيڪي تمام گهٽ ڪافي پيئنديون آهن. صحت عامه جي هارورڊ اسڪول جي محقق البرٽو اسچيريو هڪ انٽرويو ۾ خابرو اداري روئٽرز کي ٻڌايو ته ڪافي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيفين سڄي دنيا ۾ انسان جي اعصابي نظام جي بحالي لاءِ بهترين آهي. هن چيو ته ڪافي ۾ ڪيفين جي مقدار 80 سيڪڙو آهي.

 

البرٽو اسچريو چيو ”ڪافي پيئڻ سان قوت ملي ٿي ۽ ڪافي پيئندڙ ماڻهو پاڻ کي چوڪس محسوس ڪري ٿو.“ البرٽو اسچريو چيو ته وڌيڪ مقدار ۾ ڪافي استعمال ڪرڻ جي اثر بابت هينئر تائين ريسرچ نه ڪري سگهيا آهيون. فن لينڊ ۾ ننڍي سطح تي ڪيل تحقيق سان ظاهر ٿيو ته روزانو ڪافي پيئندڙ ماڻهن ۾ آپگهات جو رجحان گهٽ هوندو آهي.

 

صحت عامه جي هارورڊ اسڪول جي ٽيم جي تحقيق جي انگن اکرن سان خبر پئي ته وڌيڪ ڪافي استعمال ڪندڙ عورتون ۽ مرد ڏڪڻي يا پارڪنسنز جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو تمام گهٽ آهي.

 

سندس چوڻ آهي ته حالي اِها خبر ناهي ته ڪافي ذهني ڊپريشن خلاف ڪنهن حد تائين تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿي پر هن تحقيق سان ڪجهه ڳالهين جي نشاندهي ٿيندي آهي. جانورن تي ڪيل تجربن سان ظاهر ٿيو آهي ته ڪيفين ڪجهه زهريلي شئين کان محفوظ رکي ٿي. ڪيفين تي ردعمل ظاهر ڪندڙ ذهني حصا اهڙي هنڌ هوندا آهن جيڪي ذهني ڊپريشن ۽ ڏڪڻي ٻنهيءَ لاءِ اهم آهي.