{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > جسم وڪڻڻ جو ٽيڪس: بون جي روڊن تي ميٽر هنيا ويا

جسم وڪڻڻ جو ٽيڪس: بون جي روڊن تي ميٽر هنيا ويا

ويچار ڊيسڪ
September 1st, 2011
5 / 5 (1 Votes)

جرمني جي شهر بون ۾ انتظاميا ميٽر هڻي ڇڏيا آهن ته جيئن هڪ رات جي حساب سان جسم وڪرو ڪندڙ عورتن کان ٽيڪس ورتو وڃي جيڪي روڊن تي گراهڪ ڳولينديون آهن. فرانسيسي خابرو ايجنسي اي ايف پي موجب جڏهن پهريون ڀيرو هن ميٽر مان رقم ڪڍي وئي ته هن مان 264 يوروز موجود هئا.

 

انتظاميا موجب جيڪا به ڪسبي عورت هن ميٽر ۾ ٽيڪس ڪونه وجهندي کيس ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو يا وري هن تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي. بون حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته جرمني جي مختلف شهرن ۾ جسم وڪرو ڪندڙ عورتن کان پهريان ئي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو قانون آهي پر بون پهريون شهر آهي جتي اِهو ٽيڪس ميٽر ذريعي ورتو پيو وڃي.

 

پر جسم وڪڻندڙ عورتن جي حق ۾ آواز بُلند ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اِهو ڊبل ٽيڪس آهي. جسم وڪڻندڙ عورتون روزانو ڪمائي ڪري سگهن يا نه پر انهن کي روزانو مقرر ڪيو ٽيڪس ادا ڪرڻو ٿو پوي.

 

بون شهر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بون حڪومت کي اُميد آهي ته ميٽر سان ساليانو 2 لک يورو گڏ ٿيندا.

 

فحاشي جي مرڪز ۾ ڪم ڪندڙ عورتون پهريان کان ئي ٽيڪس ادا ڪنديون آهن پر هينئر تائين روڊن تان گراهڪ ڳوليندڙ عورتن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ ڏکيو ڪم ثابت ٿي رهيو آهي.

 

هڪ اندازي موجب بون ۾ 200 ڪسبي عورتون آهن.