{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > ايشين شيئر مارڪيٽس ۾ لاٿ

ايشين شيئر مارڪيٽس ۾ لاٿ

ويچار ڊيسڪ
September 23rd, 2011
5 / 5 (1 Votes)

آمريڪي ۽ يورپي شيئر مارڪيٽس ۾ لاٿ بعد جمعه ڏينهن ايشيائي شيئر مارڪيٽس لاٿ جو شڪار ٿيون آهن. شيئر مارڪيٽس ۾ اِها لاٿ عالمي مالياتي اداري پاران هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڪساد بازاري جون حالتون پيدا ٿيڻ کان خبردار ڪرڻ بعد شروع ٿئي آهي.

 

جمعه ڏينهن ايشين شيئر مارڪيٽس ۾ واپار شروع ٿيڻ بعد ڏکڻ ڪوريا جي مرڪزي شيئر مارڪيٽ ڪوسپي انڊيڪس 4.7 سيڪڙو، آسٽريليا جو ”اي ايس ايڪس“ 1.2 سيڪڙو گهٽجي ويو. جاپان جي ننڍي شيئر مارڪيٽ جمعه ڏينهن موڪل جي ڪري بند ٿيندي.

 

خمس ڏينهن يورپ جي مرڪزي شيئر مارڪيٽس 5 سيڪڙو لاٿ بعد آمريڪا ۾ شيئرز جو اگهه پڻ گهٽجي ويو.

 

خمس ڏينهن عالمي مالياتي اداري جي صدر ڪرسٽين ليگارڊ چيو ته عالمي معيشت خطرناڪ صورتحال جو شڪار آهي. هن کان پهريان ورلڊ بئنڪ جي صدر رابرٽ زوئلڪ موجب دنيا خطرناڪ حالتن جو شڪار آهي.

 

عالمي مالياتي اداري جي سربراهن جا بيان شيئر مارڪيٽس لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا حالانڪه پاليسي ميڪرز يورپ جو قرض وارو بحران نبيرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.

 

آسٽريليا، ڪئناڊا، انڊونيشيا، برطانيا، مئڪسيڪو، ڏکڻ آفريقا ۽ ڏکڻ ڪوريا فرانس کي هڪ خط ۾ لکيو ته يورپي ملڪن جي حڪومتن ۽ ادارن کي يورپي بحران نبيرڻ لاءِ بروقت ڪارروايون ڪرڻ گهرجن ۽ سمورن يورپي ملڪن کي قرض جي بحران جو مقابلو ڪرڻو پوندو ته جيئن عالمي معيشت کي هن جي اثرات کان محفوظ رکي سگهجي.

 

هن وقت فرانس جي ٽوئنٽي جو سربراهه آهي. هڪ وڏي گروپ جنهن ۾ چين، روس، برازيل، ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا شامل آهن چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي عالمي مالياتي بحران نبيرڻ لاءِ قرض ڏيندا.