{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > اُهو به مارجي ويو

اُهو به مارجي ويو

وسعت الله خان
April 11th, 2012
5 / 5 (2 Votes)

اُهو به هنن مان هڪ بس تي ويهي ڪري پنڊي کان گلگت وڃي رهيو هو ۽ پنهنجي طرفان سڀنيءَ کان محفوظ ۽ بيڊپو مسافر هو. ڇو ته اُهو نه شيعا هو نه ئي سُني. پر کيس ڪڏهن ڪڏهن ڏک ضرور ٿيندو هو ته ماڻهو هڪٻئي کي بنا سڃاڻي ڪيئن ماري ڇڏيندا آهن.

 

۽ اِهو رڳو اجايو دانشوراڻو ڏک ڪونه هو. نه وري هن جي پوئيان ڏيهه ڀڳتي جو روايتي جذبو هو، نه ئي اُهو اتحاد بين المسلمين جو ٺيڪيدار هو. سندس ڏک لڳ ڀڳ اهڙو هو جهڙو ڪنهن به عام پڙهيل لکيل اڌ پيٽ ماني کائيندڙ ملازمت ڪندڙ ماڻهو کي ڪنهن دلچسپي جي ڪري ٿيندو آهي. ها، پر سندس ڏاڏاڻي گهراڻي مان ڪجهه شيعا هئا ۽ ناناڻي گهراڻي مان ڪجهه سني پڻ هئا. پر سندس پيءُ ۽ اُهو پاڻ اسماعيلي هئا.

 

توهان هن ماڻهو جي اڌ تتر ۽ مُني ٻٽير جهڙي خانداني بناوٽ سبب ڳڻتي نه ڪريو. جنرل ضياء جي دور کان پهريان گلگت بلتستان ۾ اِها عام ڳالهه هئي ته ساڳئي ڪٽنب ۾ چاچو شيعا آهي ته پيءُ سني ۽ مامو اسماعيلي ۽ رڳو گلگت بلتستان ئي ڇو يو پي، حيدر آباد ڏکڻ، سنڌ ۽ پنجاب ۾ به ساڳيا مثال هئا ۽ آهن. پهريان اهڙن مائٽن کي ڌار نه سمجهيو ويندو هو ڇو ته معاشرو روشن خيال هجي يا نه هجي وسيع المشرب ضرور هوندو هو.

 

(سائين، مان به ڪهڙا ڏکيا اکر ڪتب آڻي رهيو آهيان. ڀلا اڄ ڪيتري ماڻهن کي وسيع المشرب جهڙي مئل لفظن جي معني ۽ استعمال جي خبر هوندي؟)

 

جڏهن بس چلاس پهتي ته هٿياربندن بس جهلي. سڀنيءَ مسافرن کي هيٺ لاهيائون. سڀنيءَ زائفن ۽ مردن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيائون. ڪجهه مسافرن کي وري بس ۾ ويهڻ جي اجازت ملي ويئي ۽ ٻين کي کڻي ويا.

 

ٽن ڏينهن کانپوءِ يقين ٿي ويو ته ٻين سان گڏ اُهو شخص پڻ مارجي ويو. اُهو به هڪ لاش جي صورت ۾ ٻين لاشن سان گڏ پنڊي پهچي ويو. مقدر سان سندس لاش کي گلگت ويندڙ جهاز ۾ جاءِ ملي ويئي. پر زنده امڙ، ڀيڻ، ذال، ٻارن ۽ ننڍي ڀاءُ کي جهاز ۾ سيٽ نه ملي سگهي. جنهن بس ۾ اُهو سوار ٿيو ساڳئي بس ۾ سندس هڪ شيعا ڪزن پڻ سوار هئي جنهن جي اڃان تائين ڪا به خبر ناهي.

 

ٻڌو آهي ته گلگت جي ويجهو هڪ علائقي ۾ سندس جنازي ۾ ننڍپن ۽ جواني جا لڳ ڀڳ سمورا شيعا، سني، اسماعيلي دوستن کي شرڪت ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيو. سڀنيءَ گڏجي ڪري سندس مڙهه قبر ۾ رکيائون، بعد ۾ پنڊي ۾ ايئرلائن جي آفيس چڪر ڏيندڙ خاندان کي اطلاع ڏنائون ته خير سان ٻئي جهان پهچي ويو آهي. اِها خبر سک جو پهريون ساهه هئي جيڪا سندس موت کانپوءِ سندس گهر ڀاتين کي نصيب ٿيو.

 

ايسيتائين آئون سولائي سان ڪهاڻي لکي ويس. پر هاڻي هڪ ڏکيائي جو شڪار ٿي چُڪو آهيان. ڀلا هڪ اهڙو اسماعيلي جنهن کي سُنين شيعا سمجهي ڪري قتل ڪري ڇڏيو، کيس مان ڇا لکان؟ ڇو ته سندس رڳن ۾ پنجاهه سيڪڙو اسماعيلي ۽ پنجويهه، پنجويهه سيڪڙو شيعا ۽ سني خون هو.

 

ته پوءِ مونکي اِها ڳالهه چوڻ جي اجازت آهي ته چلاس ۾ جيڪي ماڻهو بسين مان لاهي قتل ڪيا ويا هنن ۾ هڪ اسماعيلي عقيدي وارو شيعا نزاد سني انسان پڻ موجود هو؟