{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > روڊ، پلازا، کدڙا ۽ ٻولي

روڊ، پلازا، کدڙا ۽ ٻولي

مظهر ترمذي
April 4th, 2012
4 / 5 (1 Votes)

نوان ويڪرا روڊ رستا مشرف دور جا انڊر پاس، شريف Dynasty جا فلاءِ اوور ۽ باءِ پاس. لکين نئين گاڏين اندر لوهه جي ڪنڌ وارا نوان امير. اندر ڪمانڊو، چنگ چي، ۽ ڪنو دونهون ڇڏيندڙ پراڻا، ٽو اسٽروڪ رڪشا، اندر گڏهه گاڏا لاپرواهي سان وهن ٿا. جهاز جهڙيون ڪارون ڪمزور ڪارن کي لتاڙڻ چاهين ٿيون. فور ويلر، ڪن تي موبائل رکي ڪري ويٺل صاحب شيشي کان ٻاهر نه ٿو نهاري، سندس تار ڪنهن ٻئي هنڌ مليل آهي، کيس ڪو پرابلم ناهي، پرابلم چنگ چي ۽ ڪمانڊر رڪشا ۾ ويٺل سواري کي آهي.

 

ڪنهن دور ۾ شهرن اندر ٽانگا هوندا هئا، سالم ٽانگو ڪرائيندڙن کي امير سمجهيو ويندو هو، اڄ به سالم رڪشو ڪرائيندڙن ۽ اي سي بسين ۾ ويهندڙ ماڻهن کي امير سمجهيو ويندو آهي. لاهور جا اشارا (ٽريفڪ سگنل) نالي ماتر اشارا ڪندا رهن ٿا، ٽريفڪ سگنلن تي ٽريفڪ پوليس وارا نڪ تي ماسڪ چاڙهي سڄو ڏينهن ڪٿڪ ناچ ڪندا رهن ٿا.

 

فقيرن جا ٽولا ٽريفڪ سنگلن تي ڳاڙهي بتي ٿيڻ بعد چڙهائي ڪندا آهن. ريشمي اڳٺ، آيتون ۽ ڊسٽر وڪڻندڙ توهانجي ڪار جا شيشا کڙڪائيندا آهن ۽ توهان اچانڪ خوابن جي دنيا مان حقيقي دنيا ۾ اچو ٿا.

 

ڳوٺن ۾ ننڍن علائقن کان لاهور شهر روزگار ڳولڻ لاءِ آيل بيروزگار ڇوڪرا ٻوٿ تي اٽو هڻي ڪري نقل ڇاتيون هڻي ڪري کدڙا بڻجي ويا آهن، اُهي نوان نقل کدڙا پڌرا هوندا آهن. اصل ۽ پراڻا کدڙا سڃاڻپ ڪارڊ ملڻ بعد عزت سان روزگار ڪري رهيا آهن. نقل کدڙن کي پنڻ جو گُر به ناهي، هڪ ڀيرو ”معافي“ چئجي ته شرمندا ٿي ڪري اڳتي هليا ويندا آهن. هڪ ”جينيئن“ کدڙي مونکي دعا ڏني. ”مولا توکي BMW ڏيندو سائين، کيس پنج ڇهه لک جي ڪار غربت جي نشاني ڏيکارجي ٿي، جڏهن ته نقل کدڙي کي ساڳئي ڪار ”رولز رائس“ آهي. هيءَ هنن جي سماجي سڌ ۽ ڪلاس جو فرق آهي. ساڳيو فرق اسانجي پنجابي دانشور اشرافيه ۽ تبليغي پنجابي ايڪٽوسٽ ۾ آهي.

 

پراڻي لاهور به هاڻي پلازن جي بيماري ۾ ورتل آهي، قديم گهر ڊاهي جديد پلازا اڏڻ وارو سلسلو جاري آهي. هر ڪو مهانگائي ۽ پئسا نه هجڻ جو روڄ راڙو ڪري رهيو آهي، وري به پلازا تعمير ٿي رهيا آهن. ڊيفنس، گلبرگ، ماڊل ٽائون جا ماڊرن پلازا آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا. پئسو ڪنهن وٽ آهي؟ جيڪو پئسا ڪمائي نٿو پئسا ٺاهي ٿو ۽ هنن جو مسئلو Aesthetic ناهي. قديم تاريخي عمارتون جديد پلازا ۽ عمارتن جي پوئيان لڪي ويئون آهن، سموري لاهور ۾ روڊ رستا ٺهي رهيا آهن پر ڪنهن کي به خيال ناهي ته اسانجي تاريخ ڌوڙ مٽي ٿيندي پئي وڃي.