{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > ناروي ويزن: تيل پيئندڙ سياسي راڪاس ۽ قرضدار سپر پاور

ناروي ويزن: تيل پيئندڙ سياسي راڪاس ۽ قرضدار سپر پاور

ويچار ڊيسڪ
October 31st, 2011
4.5 / 5 (10 Votes)

ناروي هڪ ننڍو، سهڻو، صاف ملڪ آهي، جيڪو هر سال دنيا ۾ امن جي پوک ڪندڙن کي نوبل انعام پڻ ڏيندو آهي. هن شريف ۽ امن پسند معاشري کي رب پاران تيل جي دولت ملندي آهي ۽ هتي هڪ تيل فنڊ قائم آهي جنهن ۾ کربين ڊالر آهن جنهن کي يورپ ۽ آمريڪا جا سياسي وڏيرا ۽ ويڙهاڪ کائيندا آهن. هنن ويڙهاڪن ۾ دنيا جون عظيم قوتون آمريڪا، برطانيا، اٽلي، جرمني، فرانس ۽ جاپان پڻ شامل آهن. هن وقت پاڻ کي دنيا جي عظيم قوت سڏائيندڙ ملڪ آمريڪا، ناروي جو ٻه سئو سترهن کرب جو قرضئي آهي، ائين محسوس ٿئي ٿو ته آمريڪا اِهو قرض ادا ڪرڻ جوڳو ناهي. ننڍن يورپي ملڪن جي قرضدار سپر پاور پنهنجي ويڙهاڪ مشين ناروي جي تيل سان هلائيندي آهي.

 

ٻئي قرضدار بادشاهت جنهن کي ناروي جو قرض ادا ڪرڻو آهي اُها آهي برطانيا جنهن هڪ سئو ست کرب جو قرض ورتو آهي. ٽين نمبر تي فرانس آهي جيڪو ناروي جو ست کرب جو قرضدار آهي. چوٿين نمبر تي جاپان آهي جنهن ٻاهتر کرب رپيا ادا ڪرڻا آهن. پنجين نمبر تي جرمني آهي جنهن ايڪهٺ کرب ادا ڪرڻا آهن ۽ سڀ کان گهٽ قرض اٽلي ورتو آهي جنهن ناروي جا چوئيتاليهه کرب ادا ڪرڻا آهن.

 

ناروي جي ڪرنسي پاڪستاني ڪرنسي کان ارڙهن سيڪڙو وڌيڪ آهي. جيڪڏهن اِها رقم دنيا کي ويڙهه جي بٺي ۾ ساڙڻ بدران دنيا جي ڀلائي خاطر استعمال ڪئي وڃي ها ته اِها دنيا جنت بڻجي وڃي ها پر سموريون وڏيون قوتون جنهن پاسي ڏانهن وکون وڌائي رهيون آهن هن جو انت تباهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

 

گذريل مهينن دوران ناروي جي تيل فنڊ مان ٻه سئو چورياسي کرب گهٽجي ويا آهن ۽ ايندڙ مهينن تائين سُٺي خبر جي اُميد ناهي. دنيا ۾ ڪو نئون مالي خسارو يا بحران شروع ٿيڻ سبب ناروي جا کربين رپيا ٻڏي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته کوڙ سارا قرضدار ملڪ قرض ڪونه موٽائي سگهندا. اهڙي صورتحال ۾ ناروي پنهنجن ضعيف شهرين کي پينشن ڪونه ڏئي سگهندو. ناروي جي وڏن سرمائيدارن جو چوڻ آهي ته ناروي جي پارليامينٽ کي هن معامري ۾ مداخلت ڪري تيل فنڊ جي رقم برباد ٿيڻ کان بچائڻ گهرجي ورنه غربت سڀنيءَ کي متاثر ڪري سگهي ٿي ۽ سڀنيءَ کي دال ماني جي مُلهه جي خبر پئجي ويندي.