{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > انا هزاري کي سپريم ڪورٽ جو نوٽيس

انا هزاري کي سپريم ڪورٽ جو نوٽيس

ويچار ڊيسڪ
October 19th, 2011

هندستان جي سپريم ڪورٽ سوشل ورڪر انا هزاري جي تنظيم ”هندو سوراج ٽرسٽ“ کي ڪرپشن جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اِهو نوٽيس مفاد عامه جي درخواست جي ٻڌڻي کانپوءِ جاري ڪيو آهي. اِها درخواست منوهر لال شرما نالي شهري داخل ڪئي هئي. عدالت پاران مرڪزي سرڪار ۽ سي بي آءِ کي ساڳيو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

 

فريادي عدالت کي اپيل ڪئي ته هندو سوراج تنظيم کي ڏنل رقم ۾ ڌانڌلي ٿئي آهي ۽ مرڪزي تفتيشي اداري سي بي آءِ کي هن ڪيس جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي.

 

هندو سوراج نالي تنظيم انا هزاري جي تنظيم آهي ۽ سپريم ڪورٽ انا هزاري جي تنظيم کي ڪرپشن جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت انا هزاري کان پڇيو آهي ته سي بي آءِ کان ڪرپشن جي جاچ ڇو نه ڪرائي وڃي. سپريم ڪورٽ انا هزاري کي 4 هفتن جي مهلت ڏني آهي.

 

هن نوٽيس جي متعلق هينئر تائين انا هزاري يا وري سندس تنظيم جواب ڪونه ڏنو. انا هزاري هن وقت هڪ هفتي لاءِ خاموش رهڻ جي مهم شروع ڪئي آهي.

 

انا هزاري ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف مهم هلائيندو رهيو آهي ۽ اڄڪلهه ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بهترين قانون ”لوڪ پال“ منظور ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلائي رهيو آهي.