{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > عراق ۾ آمريڪي اڏن جو انگ 505 کان گهٽجي 20 رهجي ويو

عراق ۾ آمريڪي اڏن جو انگ 505 کان گهٽجي 20 رهجي ويو

ويچار ڊيسڪ
October 19th, 2011

عراق ۾ آمريڪا جي واپسي بعد ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آمريڪي اڏن جو انگ 505 کان گهٽجي ڪري 20 رهجي ويو آهي. عراق سرڪار جي ترجمان ٻڌايو ته عراق کان آمريڪي فوجين جي واپسي وارو ڪم جاري آهي. ٻنهيءَ ملڪن جي درميان ٿيل معاهدي هيٺ آمريڪا عراق کان فوجي واپس گهرائي رهيو آهي ۽ آمريڪي فوج هوريان هوريان اڏا عراق سرڪار حوالي ڪري رهي آهي.

 

آمريڪا ۽ عراق جي وچ ۾ سال 2008 ۾ ٿيل معاهدي هيٺ هلندڙ سال جي آخر تائين عراق کان آمريڪي فوجن جي واپسي وارو ڪم مڪمل ٿيندو. هينئر تائين آمريڪا 484 فوجي اڏن کان سامان ۽ فوج واپس گهرائي چُڪو آهي. هن وقت عراق ۾ 39 هزار آمريڪي فوجي تعينات آهن جيڪي هلندڙ سال جي آخر تائين ڏيهه ورندا.