{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > بشار الاسد سرڪار آمريڪا لاءِ خطرو آهي: آمريڪي اخبار

بشار الاسد سرڪار آمريڪا لاءِ خطرو آهي: آمريڪي اخبار

ويچار ڊيسڪ
October 18th, 2011
5 / 5 (1 Votes)

آمريڪي اخبار موجب شام ۾ صدر بشارلاسد سرڪار آمريڪا لاءِ خطرو آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ سندس ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته شام ۾ انسانن جو قتلام جاري آهي سرڪار جون ڪارروايون نه رڳو پنهنجي زمين تائين محدود آهن پر گذريل اڱاري ڏينهن ايف بي آءِ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو جنهن تي الزام آهي ته اُهو شامي انٽيليجنس لاءِ هنن ماڻهن جي متعلق معلومات گڏ ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث هو جيڪي واشنگٽن ۽ آمريڪا ۾ ٻين جاين تي شام سرڪار خلاف احتجاج ڪندا آهن.

 

ايڊيٽوريل موجب محمد انس هيشم سويد شامي نجاد آمريڪي شهري آهي ۽ گذريل سال سياري جي مُند ۾ دمشق ۾ اسد سان ذاتي طور ملاقات پڻ ڪري چُڪو آهي ۽ ايب بي آءِ موجب آمريڪا ورڻ بعد ڪجهه ماڻهن کي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ موڪليائين بعد ۾ ساڳئي رڪارڊنگ شام انٽيليجنس جي حوالي ڪري ڇڏيائين. ظاهري طور سويد هڪ عالمي آپريشن جو حصو لڳي ٿو ڇاڪاڻ ته ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب دنيا جي لڳ ڀڳ 8 ملڪن ۾ 30 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي شام سفارتخاني هيسايو آهي يا وري شام ۾ هنن جي گهر ڀاتين کي گرفتارين سان گڏ مختلف قسمن جون پريشانيون آهن.