{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > وال اسٽريٽ تي قبضو ڪريو تحريڪ جوش ۾ اچي وئي

وال اسٽريٽ تي قبضو ڪريو تحريڪ جوش ۾ اچي وئي

ويچار ڊيسڪ
October 17th, 2011

سرمائيداري نظام خلاف آمريڪا کان جاري احتجاجي مظاهرو سڄي دنيا جي محروم ۽ مايوس ماڻهن جي آواز بڻجي ويو آهي. يورپ ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ عوامي مظاهرا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. نيويارڪ جي وال اسٽريٽ سرمائيداري نظام جي علامت طور مشهور آهي. هڪ مهينو پهريان جڏهن آمريڪا ۾ بيروزگاري ۽ غربت جو شڪار ماڻهن ”وال اسٽريٽ تي قبضو ڪريو“ نالي احتجاجي مظاهري واري تحريڪ شروع ڪئي ته ڪنهن کي به اندازو نه هو ته ساڳيو احتجاج برسات جي پهرين ڦڙي بڻجي ڪري سڄي دنيا جي ماڻهن کي سرمائيداري واري نظام جي ناانصافين خلاف متحد ٿيڻ جوڳي تحريڪ ثابت ٿيندي.

 

آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيا، اٽلي، جرمني، اسپين، بيلجيم، آسٽريليا، نيوزي لينڊ، جاپان، هانگ ڪانگ، ڏکڻ ڪوريا ۽ تائيوان سميت مختلف يورپي ۽ ايشيائي ملڪن ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. نيويارڪ ٽائمز اسڪوائر تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ 80 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. شڪاگو ۽ مني پولس کان ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. برطانيا ۾ مظاهرين لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج لڳ سينٽ پال ڪيٿڊرل آڏو قيام ڪيو آهي. مظاهرين هن علائقي کي مصر جي تحريڪ کان متاثر ٿئي ڪري التحرير اسڪوائر جو نالو ڏنو آهي.

 

هالينڊ جي شهر اسمسٽرڊيم ۽ جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ مظاهرين معاشي مرڪزن آڏو خيما کوڙي ورتا آهن. اٽلي جي راڄڌاني روم ۾ ٿيندڙ مظاهرا وڳوڙڻ ۾ بدلجي ويا آهن. گاڏين کي باهيون، دُڪانن تان ڦرلٽ. وڳوڙڻ ۾ سئو کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس ويهه ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪئناڊا ۾ مونٽريال، ٽورنٽو، اوٽاوا سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. سرمائيداري نظام، غربت، بيروزگاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ماڻهو انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا ۾ عوام کي هن تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ جي اپيل ڪري رهيا آهن.