{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > پاڪستاني ڌرتي تي آمريڪي ڊرون حملن جو انگ 300 ٿي ويو

پاڪستاني ڌرتي تي آمريڪي ڊرون حملن جو انگ 300 ٿي ويو

ويچار ڊيسڪ
October 17th, 2011

پاڪستان جي اتر ۽ اولهه جي قبائلي علائقن تي آمريڪي ڊرون حملن جو سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿيو آهي. ڊرون جهازن وزيرستان ۾ شدت پسندن جي شڪي ٽڪاڻن تي ڊرون حملا ڪيا آهن.

 

لنڊن ۾ غير سرڪاري تنظيم ”بيورو آف انويسٽي گيٽو جنرلزم“ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته ڇنڇر ڏيهن ڏکڻ وزيرستان جي ايجنسي جي علائقي انگور اڏه ۾ شدت پسندن جي هڪ ٽڪاڻي تي ٿيل حملي سان پاڪستان جي قبائلي پٽي تي آمريڪي ڊرون حملن جو انگ 300 ٿي چُڪو آهي.

 

مقامي ويڙهاڪ ڪمانڊر مولوي نذير جي دوستن جي گهر تي ٿيل حملو گذريل 48 ڪلاڪن دوران وزيرستان جي قبائلي پٽي ۾ اهڙي قسم جي چوٿين ڪارروائي هئي.

 

بيورو آف انويسٽي گيٽو جنرلزم چيو ته 17 جون 2004 کان هينئر تائين ٿيل ڊرون حملن مان 248 آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي 3 سالن جي دور ۾ ٿيا آهن يعني چوٿين ڏينهن هڪ حملو ٿيندو آهي.

 

قابل اعتبار ۽ مشهور خابرو ادارن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندڙ انگن اکرن جي بنياد تي تنظيم جو چوڻ آهي ته 300 ڊرون حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ لڳ ڀڳ 2،318 آهي جن مان وڏو انگ شدت پسندن جو آهي.

 

پر ڊرون حملن ۾ 170 کان وڌيڪ ٻارڙن سميت لڳ ڀڳ 386 عام شهري پڻ شامل آهن، جڏهن ته تنظيم جو چوڻ آهي ته ڊرون حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ 775 آهي. حملن ۾ 1000 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.

 

”بيورو آف انويسٽي گيٽيو جنرنلزم“ جو چوڻ آهي ته آمريڪي انٽيليجنس ايجنسي سي آءِ اي آگسٽ ۾ ڇپيل رپورٽ ۾ اقرار ڪيو آهي ته ڊرون حملن ۾ 2050 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ رڳو 50 عام شهري شامل هئا.

 

تنظيم موجب منظر عام تي ثبوت اچڻ باوجود آمريڪي انتظاميا دعويٰ ڪيو آهي ته مئي 2010 کانپوءِ ڪو به شهري ڊرون حملن جو نشانو نه بڻيو آهي.