{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > وال اسٽريٽ جا مظاهرا سڄي دنيا ۾ ٿيڻ لڳا

وال اسٽريٽ جا مظاهرا سڄي دنيا ۾ ٿيڻ لڳا

ويچار ڊيسڪ
October 17th, 2011

هڪ مهينو پهريان نيويارڪ ۾ معيشت جي مرڪز وال اسٽريٽ کان شروع ٿيندڙ مظاهرا سڄي دنيا ۾ ڦهلجي رهيا آهن. احتجاجي مظاهرن ۾ شامل مظاهرين جو وڏو انگ نوجوانن جو آهي. اُهي ماڻهو سرمائيداري، غربت، عدم مساوات، نسلي اختلاف، ائٽمي توانائي سميت سماجي براين خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.

 

ڇنڇر ڏينهن فلپائن، جاپان، هانگ ڪانگ، تائيوان، آسٽريليا، ڏکڻ ڪوريا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سوين ماڻهن مظاهرا ڪيا. ريلين ۾ شريڪ ماڻهن ”وال اسٽريٽ “۾ جاري مظاهرن جي حمايت ڪئي آهي.

 

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هن ڏينهن کي مظاهرين ”عمل جي عالمي ڏهاڙي“ طور پيش ڪيو. مظاهرين جي رٿابندي موجب اُهي ڏينهن جو نيويارڪ ۾ بئنڪن آڏو مارچ ڪندا ۽ شام جو نيويارڪ ٽائمز اسڪوائر تي گڏ ٿيندا.

 

مظاهرين پنهنجي تحريڪ کي انٽرنيٽ، ٽوئيٽر ۽ فيس بُڪ سميت سوشل نيٽورڪس ذريعي مختلف ويب سائٽن تائين پهچائي رهيا آهن.

 

آمريڪا ۾ معاشي بدحالي خلاف 17 سيپٽمبر تي محدود انگ ۾ ماڻهن ”وال اسٽريٽ تي قبضو ڪريو“ جي نالي سان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ مظاهرين جو چوڻ هو ته امير، غريب ۽ وچين طبقي جو فرق ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي.