{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > پاڪستان جي امداد حقاني نيٽورڪ خلاف ڪارروائي سان مشروط ڪجي: ٿنڪ ٽئنڪ

پاڪستان جي امداد حقاني نيٽورڪ خلاف ڪارروائي سان مشروط ڪجي: ٿنڪ ٽئنڪ

ويچار ڊيسڪ
October 15th, 2011

آمريڪا جي مضبوط ٿنڪ ٽئنڪ صدر اوباما تي زور ڀريو آهي ته جيستائين پاڪستان ڪابل حملن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ۽ حقاني نيٽورڪ جو خاتمو آڻڻ لاءِ آمريڪا سان تعاون ڪونه ڪندو اوستائين پاڪستان کي امداد نه ڏيڻ گهرجي. آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ جو هيريٽج فائونڊيشن جي رپورٽ ۾ آمريڪي انتظاميا کي چيو ويو ته ڪانگريس پاڪستان کي ڏنل سموري امداد دهشتگردي جي انت لاءِ ڪاررواين سان مشروط ڪري ڇڏي.

 

آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ مطالبو ڪيو آهي ته اوباما انتظاميا حقاني نيٽورڪ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو وڃي. ڪابل حملن کانپوءِ گهربل ڪارروايون نه ڪرڻ سان واضح ٿيندو ته آمريڪا ڪمزور آهي جيڪو افغانستان ۾ آمريڪي لاڀ ۽ وڌيڪ حملن جو سڏ ثابت ٿي سگهي ٿو.

 

رپورٽ ۾ مشورو ڏنو ويو آهي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي آزمائڻ لاءِ ڪانگريس جي ڪميشن جوڙي وڃي هن سان ڪانگريس کي افغانستان ۾ وڌندڙ شدت پسندي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي جاچ ڪرڻ گهرجي. غور طلب ڳالهه اِها آهي ته پاڪستان جون ڪارروايون آمريڪا ۽ نيٽو لاءِ افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي مقصدن ۾ ڪنهن حد تائين بندش بڻجي رهيون آهن.

 

رپورٽ موجب اوباما انتظاميا کي مشورو ڏنو ويو ته پاڪستاني علائقن ۾ ڊرون حملا وڌايا وڃن. اِهو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي ته حقاني نيٽورڪ خلاف ڊرون حملا ڪيا وڃن، ٿنڪ ٽئنڪ هڪ فيڪٽ شيٽ پڻ جاري ڪئي آهي جنهن موجب پاڪستان، افغانستان جي ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي. رپورٽ ۾ اِهو دعويٰ پڻ ڪيو ويو آهي ته حقاني نيٽورڪ پاڪستان ۾ آهي جيڪو افغانستان ۾ آمريڪي مفادن تي حملن ۾ ملوث آهي رپورٽ موجب آمريڪي حڪام زور ڀريو آهي ته افغان اسٽريٽيجي کي تبديل ڪيو وڃي.