کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > پئسو: پيءُ کان پُٽ مارائي

پئسو: پيءُ کان پُٽ مارائي

ويچار ڊيسڪ
May 4th, 2012

سي آءِ اي سان تعلق رکندڙ ريمنڊ ڊيوس هٿان قتل ٿيل فيضان جي پيءُ شهزاد بٽ سندس زال ۽ ننهن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس آفيسر اطهر وحيد جو چوڻ آهي ته ٻنهيءَ عورتن کي ان لاءِ قتل ڪيو ويو ڇو ته مارجي ويل فيضان جي بيواه ٻئي شادي ڪرڻ چاهيندي هئي ۽ سندس سس نبيلا بي بي سندس حمايت ڪندي هئي. مارجي ويل فيضان جي پيءُ کي خدشو هو ته فيضان جي بيواهه زهره ٻئي شادي ڪندي ته سڄو مال هن سان گڏ هليو ويندو. ڇو ته فيضان بٽ جي قتل عيوض سندس زال کي پئسا مليا هئا.

 

واردات مطابق شهزاد بٽ لاهور جي هڪ وچولي طبقي جي علائقي ۾ جهيڙي کانپوءِ سندس زال کي قتل ڪري ڇڏيو هو. جڏهن سندس ننهن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته شهزاد بٽ سندس ننهن کي گهٽي ۾ گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

 

نه وسارڻ گهرجي ته ريمنڊ ڊيوس فيضان ۽ هڪ ٻئي ماڻهو کي ڪڍ اچڻ سبب قتل ڪري ڇڏيو هو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ست ڏينهن تائين انهيءَ مامري تي ڇڪتاڻ جاري هئي ته ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي ڇوٽ حاصل آهي يا نه. ان کانپوءِ آمريڪا قتل جو عيوضو ڏيئي ڪري ريمنڊ ڊيوس کي آزاد ڪرائي ورتو هو. توڙي آمريڪا پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو ته مشهور آهي ته مارجي ويل ٻنهيءَ ماڻهن جي زالن کي هڪ ملين کان ٻه ملين ڊالر ڏنا ويا هئا.