کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > هندستان ۾ پاڪستانين جي سنئين سڌي سيڙپڪاري جي منظوري

هندستان ۾ پاڪستانين جي سنئين سڌي سيڙپڪاري جي منظوري

ويچار ڊيسڪ
April 14th, 2012
5 / 5 (2 Votes)

هندستان جي واپار واري وزير چيو آهي ته ”هندستان جو فيصلو آهي ته لاڳاپا قائم رکڻ لاءِ پاڪستان کان سنئين سڌي سيڙپڪاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي“ هن منظوري سان هاڻي پاڪستاني سيڙپڪار هندستان ۾ ملز قائم ڪري سگهن ٿا. شرما صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته انهيءَ منصوبي لاءِ شرط ۽ اصول تيار ڪيا پيا وڃن.“

 

هن کان علاوه ٻنهيءَ ملڪن جي وچ ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ٻنهيءَ ملڪن ۾ بئنڪن جون شاخون کولڻ جي منظوري پڻ ڏني وڃي ريزرو بئنڪ آف انڊيا ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هن جي حق ۾ آهن. پاڪستان جي واپار واري وزير امين فهيم جن چيو ته ”ٻنهيءَ ملڪن ۾ بئنڪ سروسز کولڻ بابت ڳالهيون جاري آهن.“

 

پاڪستان جا کوڙ سارا صنعتڪار ۽ بئنڪ هندستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا پر اِهو ڪم تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن سنئون سڌو سيڙپڪاري ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي.

 

شرما جن اِهو پڻ ٻڌايو ته انڊيا پاڪستان بزنس ڪائونسل قائم ڪئي پئي وڃي جنهن جي قيادت گڏيل هوندي. ويزا جي سهولتن ۽ رعايتن جي متعلق جلدي صحيحون ڪيون وينديون.