کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > پاڪ، هندـ سياچن ۽ سر ڪريڪ تي پاڪ هند ڳالهين جي تياري

پاڪ، هندـ سياچن ۽ سر ڪريڪ تي پاڪ هند ڳالهين جي تياري

ويچار ڊيسڪ
April 13th, 2012
4.5 / 5 (2 Votes)

صدر آصف علي زرداري جي وزير اعظم منموهن سنگهه سان گذريل آچر ڏينهن دهلي ۾ ٿيل گڏجاڻي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ هندستان سياچن ۽ سرڪريڪ جي متعلق ڊائيلاڳ ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ٻنهيءَ اڳواڻن ۾ اِها ڳالهه ٿئي آهي ته هي اهڙا مسئلا آهن جن جو حل باآساني سان ممڪن آهي.

 

هينئر تائين ڊائيلاگ لاءِ ڪا به تاريخ طئه ڪونه ٿي سگهي آهي پر اُميد آهي ته اِها ڳالهه ٻولهه هندستان جي پرڏيهي وزير ايس ايم ڪرشنا جي پاڪستان جي جولاءِ ۾ ٿيندڙ دوري کان پهريان ٿيندي.

 

پاڪستان زور ڀري رهيو آهي ته هندستاني وزير اعظم سال جي آخر کان پهريان پاڪستان جو دورو ڪري پر هندستان جو مطالبو آهي ته پهريان ممبئي حملي جي مک ڪردار حافظ سعيد وارو مامرو نبيڙيو وڃي. وزير اعظم منموهن سنگهه زرداري تي اِها ڳالهه مڃرائڻ لاءِ زور ڀريو هو.