کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > آمريڪي امدادي ٽيم سياچن پهچي وئي

آمريڪي امدادي ٽيم سياچن پهچي وئي

ويچار ڊيسڪ
April 9th, 2012

پاڪستاني فوج موجب سياچن تي برف هيٺ آيل هڪ سئو پنٽيهه ماڻهو ڪڍڻ لاءِ آمريڪا جي امدادي ٽيم پهچي ويئي آهي.

 

فوج جي ترجمان موجب برف هيٺ آيل ماڻهن ۾ ست آفيسر، هڪ سئو سترهن فوجي ۽ يارهن عام شهري آهن. ليفٽيننٽ ڪرنل تنويز الحسن سان گڏ برف هيٺ آيل ماڻهن جي نالن جي لسٽ پڻ جاري ڪئي ويئي آهي.

 

پاڪستاني فوج موجب آمريڪي ٽيم امدادي ڪم ۾ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪندي. آمريڪي ٽيم جي سهڪار سان امدادي ڪمن جي رفتار وڌڻ جا امڪان آهن.

 

اطلاعن موجب ٻين ملڪن امداد ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي جنهن بابت غور ڪيو پيو وڃي. آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني ساڳئي علائقي ۾ موجود آهي ۽ امدادي ڪمن جي نگراني پڻ ڪري رهيو آهي.