کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > زرداري منموهن سنگهه گڏجاڻي: ڪجهه حاصل ٿيو؟

زرداري منموهن سنگهه گڏجاڻي: ڪجهه حاصل ٿيو؟

ويچار ڊيسڪ
April 9th, 2012

زرداري منموهن سنگهه جي منجهند واري گڏجاڻي باري هندستاني اخبارن ۾ هيڊ لائنز آهن ”پاڪستان دهشتگردي جو انت آڻيندو ته ڳالهيون ممڪن آهن“ ۽ پاڪستاني اخبارن جون وڏيون سرخيون آهن ”منموهن سنگهه پاڪستاني دورو ڪرڻ تي راضي“. هندستاني فارن آفيس پاران ٻنهيءَ اڳواڻن جو مختصر بيان جاري ڪيو ويو ان سان واضع آهي ته ٻئي ڳالهيون سچ آهن ۽ ٻنهيءَ ليڊرن سڀنيءَ مسئلن جي متعلق ڳالهيون ڪيون آهن.

 

هونئن ته چئي سگهجي ٿو ته زرداري صاحب فقط اجمير شريف وڃڻ پسند ڪري رهيو هو ڇو ته اسانکي اِها خبر آهي ته سندس خاندان وڏو نه رڳو وهمي پر پيرن فقيرن کي مڃيندو ناهي هر نئون ڪم ڪرڻ کان پهريان ڪجهه ڪارا ٻڪر قربان ڪندو آهي. پر جيڪڏهن اِها حقيقت آهي ته پوءِ صدر آصف علي زرداري جو جهاز سنئون سڌو جي پور ايئرپورٽ وڃي سگهندو هو. ان سان واضع آهي ته فقط اجمير شريف وڃڻ واري ڳالهه سچ ناهي، اجمير شريف جي زيارت کي جواز بڻايو ويو يا وري پاڻ بڻجي ويو.

 

هندستاني وزير اعظم پاران صدر زرداري کي منجهند جي وقت گهرائي هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهيون ڪرڻ سان واضع آهي ته کيس خبر هئي جو سندس مهمان بنا سڏ جي ڪونه اچي رهيا آهن، کيس فوج جو آشيرواد پڻ حاصل آهي. ٻنهيءَ اڳواڻن وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين گڏجاڻي تمام وڏي هوندي آهي ۽ منموهن سنگهه جهڙا باشعور ۽ هوشيار ماڻهو ڇنڊ ڇاڻ کانسواءِ اهڙو ڪم نه ڪندا آهن. انڪري منموهن سنگهه کي خبر هئي ته صدر آصف علي زرداري رياست جي طاقتور ادارن جي مرضي سان اچي رهيو آهي.

 

ٻنهيءَ اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيل مثبت ڳالهين جو اشارو منموهن سنگهه جو پاڪستاني دوري تي رضامندي ظاهر ڪرڻ هو. هن کان پهريان هندستاني ليڊر اِها ڳالهه مڃڻ لاءِ هرگز راضي ڪونه هئا. اسانجو خيال آهي ته ڪجهه ڏينهن يا هفتن ۾ سياه چن، سر ڪريڪ بابت ڳالهين جو دور شروع ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ هندستان ڪجهه رعايتون پڻ ڏيندو.

 

دراصل صدر زرداري اِهو پيغام ڏيڻ خاطر ويو ته ڏسو اسين توهانجو واپار وڌائڻ وارو مطالبو مڃيندي هندستان کي موسٽ فيورٽ نيشن جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي، انڪري هاڻي توهان به جواب ۾ ڪجهه رعايتون ڏيو. هن کان پهريان پاڪستان جي ضد هئي ته پهريان ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي بعد ۾ واپار ٿيندو. پر معاشي ضرورتن جي ڪري پاڪستان جي واپاري طبقي فوج کي اپيل ڪئي ته اِهڙي ضد نه ڪرڻ گهرجي ۽ فوج پاڪستاني معيشت جي بدحالي ڏسي ڪري اِهو مطالبو مڃيو. نجم سيٺي سندس پروگرام ۾ اشارو ڪيائين انڪري واپاري هستين جي خاص وفد فوجي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان ملاقات ڪئي هئي.

 

هندستاني سرڪار کي به اِها خبر آهي ته موجوده پاڪستاني صورتحال ۾ زرداري حڪومت پاران هندستان کي موسٽ فيورٽ نيشن جو درجو ڏيارڻ سولو ڪم نه هو. هندستاني سرڪار کي اِها به خبر آهي ته اِهو سڀ ڪجهه فوج جي مرضي سان ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستاني فوج هندستان سان نوان تعلق قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. هندستاني سرڪار کي اِها به خبر آهي ته فوج کي مجاهدن جو نشو آهي جيڪو هوريان هوريان ختم ٿيندو. انڪري ڪجهه رعايتون ڏيڻ سان گڏوگڏ دهشتگردي جو خاتمو آڻڻ لاءِ دٻاءُ پڻ وجهندي. انهيءَ سلسلي ۾ هندستان اڪيلو ناهي: چين سميت دنيا جا مختلف ملڪ پاڪستان تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن.“

 

اسانجو خيال آهي ته زرداري منموهن گڏجاڻي جا مثبت نتيجا حاصل ٿيندا جيسيتائين ڪو نئون مسئلو جنم نه وٺندو.