کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > پاڪستان 6 دهشتگرد اسانجي حوالي ڪري: چين

پاڪستان 6 دهشتگرد اسانجي حوالي ڪري: چين

ويچار ڊيسڪ
April 7th, 2012

چين پاڪستان کان 6 دهشتگردن جو مطالبو ڪري رهيو آهي. سڀنيءَ مجاهد دهشتگردن جو لاڳاپو ايسٽ ترڪمانستان اسلامڪ موومنٽ (اي ٽي آءِ ايم) سان آهي.

 

چين جي پبلڪ سيڪيورٽي واري وزارت موجب 6 دهشتگرد اي ٽي آءِ ايم جا خاص ڪارڪن آهن. هنن جا نالا به پاڪستان کي ڏنا ويا آهن. نور معمت، عبدالقيوم قربان، پاري ترسون، ترسنجان ابيلا، نعمت ريڪسٽ ۽ محمد امين نور مامت. سڀ اوگرا نسل جا ماڻهو آهن جيڪي چين جي صوبي جنجيانگ جي اولهه واري پاسي ڏانهن آباد آهن. اِهو علائقو پاڪستاني ڪشمير جي بارڊر تي آهي.

 

چين پاڪستان تي سنئون سڌو الزام ناهي هنيو ته اُهو دهشتگرد مجاهدن کي ٽريننگ ڏيئي رهيو آهي پر اِها ڳالهه ضرور چيائين ته دهشتگردن کي پاڪستاني سرحدن ۾ ٽريننگ ڏني ويندي آهي.