کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > حقاني کي به منصور جهڙو حق ملڻ گهرجي: وزير اعظم

حقاني کي به منصور جهڙو حق ملڻ گهرجي: وزير اعظم

ويچار ڊيسڪ
April 7th, 2012

وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني موجب ميمو ڪميشن جنهن وڊيو لنڪنگ جو حق منصور اعجاز کي ڏنو هيو ساڳيو حق حسين حقاني کي پڻ ڏيڻ گهرجي. حسين حقاني پڻ ساڳيو مطالبو ڪندو رهيو آهي.

 

اسانجي خيال ۾ وزير اعظم ٻين ڳالهين ۾ ڪيترو به غلط هجي پر انهيءَ ڳالهه ۾ سچو آهي. مامري جي صورتحال سان واضع آهي ته ميمو ڪميشن جو هڪ ئي مقصد حسين حقاني ۽ صدر زرداري کي سوگهو ڪرڻ آهي، ان لاءِ ميمو ڪميشن اصولن جو لحاظ نه ڪري رهيو آهي. ميمو ڪميشن حسين حقاني جي پيشي تي هوڏ ڪري پنهنجي ساک متاثر ڪري ڇڏي آهي.

 

منصور اعجاز پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پارلياماني ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيائين پر ميمو ڪميشن وري به کيس من پسند سهولتون ڏيندو رهيو. اهو فوج جي لحاظ سان حسين حقاني خلاف ڪيس ٺاهي رهيو هو ۽ فوج پاڪستان اندر سندس حفاظت ڪري سگهندي هئي. ايترو ڪجهه هجڻ باوجود پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. پاڪستان ۾ آءِ ايس آءِ حسين حقاني خلاف گهڻو ڪجهه ڀوڳي رهي آهي ۽ کيس ائين غائب ڪرائي سگهي ٿي جيئن سوين ماڻهن سان ڪيائين. انڪري کيس منصور اعجاز کان وڌيڪ حفاظت جي ضرورت آهي جيڪو ڪميشن (مقابله آءِ ايس آءِ) نٿو ڏيئي سگهي.

 

ائين محسوس ٿئي ٿو ته ميمو ڪميشن حسين حقاني کي قتل ڪرائڻ يا جيل موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ممڪن آهي ته ائين نه هجي پر ميمو ڪميشن جي هوڏ ڏسي ڪري انهيءَ ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ميمو ڪميشن موجب جيڪڏهن حسين حقاني کي پاڪستان نه گهرائي سگهيو ته سڄي دنيا ۾ هن جي بدنامي ٿيندي. اصل ۾ ڪميشن کي خبر ناهي ته هوڏ سان ڪيتري بدنامي ٿي چُڪي آهي.

 

جيڪڏهن ميمو ڪميشن اجايون ڳالهيون ڪندي حسين حقاني کي آمريڪا مان زبردستي گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڌيڪ خواري ٿيندس. حسين حقاني صاحب آمريڪي عدالتن جو در کڙڪائي سگهي ٿو ۽ آمريڪا ائين به چئي سگهي ٿو ته پاڪستان پهريان حافظ سعيد کي گرفتار ڪرائي ان کانپوءِ آمريڪا انهيءَ ڳالهه تي غور ڪندو.

 

اِها ڇڪتاڻ وڌي ويندي جنهن ۾ اهڙيون ڳالهيون منظر عام تي اينديون جن بابت فوج يا ميمو ڪميشن سوچي به نٿا سگهن. انڪري اسين ميمو ڪميشن کي صلاح ڏيندا سين ته وڌيڪ ضد ڪري پنهنجي بدنامي نه ڪرائي ۽ غير جانبدار ماڻهن کي اِهو ثابت نه ڪري ته اُها انصاف ڪرڻ جوڳي ناهي ۽ اُهو سياسي هستين خلاف سرگرم آهي.