{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ھير وارث شاھ > هير وارث شاهه 2 بند جي تشريح

هير وارث شاهه 2 بند جي تشريح

وچار ڊيسڪ
April 9th, 2008

ٻيون   مولود   مٺي   مرسل   وارو ،   جنهن   تي   حق   نازل   لولاڪ   ڪيو

جنهنجو والي مان مٿانهون ڪيو، جنهن اچي خلق کي عيبن کان پاڪ ڪيو

سرور   ٿي   نبين   ولين    جو،   آڏو    حق    جي    پاڻ   کي    خاڪ   ڪيو

ڪري   امتي   امتي  روز   حشر،  ڇڏي   خوشيون    جيءُ   غمناڪ    ڪيو

 

سنڌيڪار: حسن مجتبي

 

 

دوئي   نعت رسول مقبول   والي   جيس   دي حق   نزول  لولاڪ ڪيتا

خاڪي آک ڪي مرتبه بڙا ديا،  سب خلق جي عيب ٿهين پاڪ ڪيتا

سرور هو ڪي  اوليان  انبيان  دا   اگي  حق  دي  آپ  نون خاڪ  ڪيتا

ڪري امتي  امتي  روز  قيامت،  خوشي ڇڏ ڪي جيو غمناڪ  ڪيتا

 

تشريح: ڊاڪٽر منظور اعجاز

 

رب پاڪ جي ورد کانپوءِ ٻيو فرض مٺي مُرسل جو مولود آهي. اهو ان ڪري جو رب عزوجل پاڻ فرمائي ٿو ته مان ڌرتي ۽ آسمان پيدا ئي نه ڪيان ها جيڪڏهن محمد مصطفي جي ذات نه هجي ها. پهرين بند ۾ ڳالهه ائين بيان ڪئي وئي آهي ته ”عشق ڪيو سو جگ جو مول ميان“ ۽ ”پهريان پاڻ ئي رب عشق ڪيو ۽ معشوق آهي رسول ميان“ نعت ۾ وارث شاهه اها ڳالهه ورجائي رهيو آهي اها ڌرتي ۽ آسمان رسول پاڪ جي عشق ۽ جذبي سان خلقيو ويو آهي.

 

ٻي مصرع ۾ وارث شاهه خلاصو پيش ڪندي فرمائي ٿو ته رسول پاڪ کي معني رب سندس معشوق کي چوي ٿو ته مٽي جو بڻيل آهي پر کيس عيبن کان پاڪ ڪيو ويو آهي جنهن مٽي سان ٻي مخلوق کي خلقيو ويو آهي. چوڻ جو مطلب آهي ته جيڪڏهن عشق جو جذبو هجي ته پوءِ هو جهان جي عيبن بُرائين کان پاڪ هستي بڻجي وڃي ٿو. رسول پاڪ عشق جي بناوٽ هئا ان ڪري هو عيبن کان پاڪ هئا.

 

اڳين مصرع جي معني آهي ته رسول پاڪ نبين ۽ ولين جو سردار هوندي به رب جي آڏو پاڻ کي مٽي ڪري ڇڏيو. معني عشق ٻنهي پاسن ڏانهن آهي، جيڪڏهن هڪڙي پاسي الله سائين عشق ڪري رهيو آهي ته ٻي پاسي معشوق (نبي سڳورو) به پاڻ کي حق (رب سائين) جي آڏو مٽي ڪري رهيو آهي.

 

عشق مٽي بڻايو ۽ معشوق مٽي بڻجي ويو. کيڏ مٽي جي آهي. هتي بلهي شاهه تمام گهڻو ياد اچي ٿو ”ماٽي قدم ڪريندي يار“. ساڳئي ريت هير رانجهي جو عشق به ٻهي پاسن جو عشق ٿي سگهي ٿو.

 

ان باري ڪارل مارڪس اڪنامڪ اينڊ فلاسوفيڪل مينوسڪرپٽس ۾ چيو آهي ته عشق هڪ پاسڙ آهي ته ان جو مطلب آهي ته اهو عشق سچو ۽ پاڪ ناهي يا وري عاشق جو نصيب خراب آهي.

 

آخري مصرع ۾ محسوس ٿئي ٿو ته نبي سڳوري جو عشق سڄي اُمت تائين پهچي ويو آهي. ان ڪري هو بروز حشر جڏهن ڌڻي سڳوري جي آڏو چڱي ۽ بُري جو فيصلو ٿيندو ۽ بار بار چئي رهيو آهي ته اي منهنجا رب منهنجي اُمت کي معاف ڪجانءِ.

 

سندس ڳڻتي ۽ غم ايترو وڏو آهي ته پنهنجي پاڪ ۽ معشوق هجڻ جي خوشي به وسري وڃي ٿو ۽ جيءُ کي غمناڪ ڪري ٿو، معني سندس جيءُ کي اُمت جو غم لڳي وڃي ٿو. هتي پهرين مصرع جو پڙاڏو ڪنن تائين پهچي ٿو ”مرد عشق ڀلا رنجول ميان“ معني هاڻ وارث شاهه نبي سڳوري جي عشق کي ورهائي سڄي اُمت کي به شمار ڪري رهيو آهي.