{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ھير وارث شاھ > هير وارث شاهه 1 بند جي تشريح

هير وارث شاهه 1 بند جي تشريح

وچار ڊيسڪ
April 6th, 2008
5 / 5 (2 Votes)

اول ساراهه سچي ڌڻي جي، جنهن عشق ڪيو جڳ جو مور ميان

پهرين  پاڻ  ئي رب  آ  عشق   ڪيو،  معشوق  نبي  رسول  ميان

عشق  پير  فقير  جو  مرتبو  آ، مرد  عشق جو   بنان  رنجور  ميان

تڙيا    باغ  انهن  جي  قلب اندر، جن  ڪيو  آ عشق قبول  ميان

 

سنڌيڪار: حسن مجتبي

 

اول حمد خدا دا ورد ڪريئي ڪچي عشق ڪيتا سو جگ دا مول ميان

پهلي   آپ   هي    رب  ني  عشق ڪيتا  معشوق   هي  نبي  رسول ميان

عشق   پير   فقير   دا   مرتبي   هي   مرد   عشق   دا   ڀلا   رنجول    ميان

کلي   تنهان دي  باب  قلوب  اندر جنهان  ڪيتا  هي  عشق  قبول ميان

 

 

لفظن جي معني

 

 

”ڪچي“ اهو اکر اردو يا سنڌي جو نه پر پنجابي جو آيه جنهن جي معني آهي ”ضرور ڪريو“.

”مول“ اصل، جيئن اصل رقم ۽ ان جو وياج (سود) معني پيڙهه، بنياد

”مرتبه“ مرتبو

”رنجول“ رنجول، رنجيده، غمناڪ

”باب“ دروازو، گيٽ

 

 

تشريح: ڊاڪٽر منظور اعجاز

 

هي هير وارث شاهه جو پهريون بند آهي. عام طور تي شاعر پهرين بند ۾ رب جي ثناء ڪري ٿو ۽ سندس عظمت بيان ڪري ٿو. گهڻا ئي انهن وڏائين ۽ عظمتن مان رب جي خلقت ۽ قدرت جي تخليق جو ذڪر ڪندا آهن، ته ڌڻي سڳوري اهو سڀ ڪجه تخليق ڪيو ۽ سينگهاريو آهي. وارث شاهه اهڙو روايتي انداز ڇڏي الله جي ثناء سندس پهريون عاشق هجڻ ۽ عشق جو جذبو پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڪري ٿو.

 

پهرين سٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اچو ڌڻي سڳوري جو ورد ڪيون، معني رب سائين کي هر دم ياد ڪيون ڇاڪاڻ هن جهان جي بُنياد عشق کي بڻايو ويو آهي. ٻي شٽ ۾ هن جي ثبوت ۾ چيو ويو آهي ته پهريان پاڻ رب، نبي سڳوري سان عشق ڪيو.

 

ٽين سٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رب، رسول کانپوءِ پيرن فقيرن جو ذڪر آهي جن عشق جي سبب اهو مرتبو حاصل ڪيو آهي ۽ اهو پڻ چيو ويو آهي ته اُهي ماڻهون جيڪي عشق ۾ غمناڪ رهندا آهن هو سڀ کان بهتر آهن.

 

هو بهتر آهي اعلي آهن انهن ماڻهن کان جيڪي ٻن شئين جا طلبگار ۽ خواهشمند آهن ۽ هو اُهي شئيون حاصل ڪري خوشي ماڻيندا آهن. هاشم شاهه صاحب ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي آهي.

 

مورک ماڻهون سدائين ننڊ ڪرڻ ۽ روز ڪمائڻ پئسو

نه ڪو فرق سمجهن نه ڄاڻن ته عشق ڇاهي.

 

وارث شاهه بند جي چوٿين ۽ آخري سٽ ۾ عشق واري ڳالهه کي حل ڪندي چيو آهي، انهن ماڻهن جي دلين جو دروازو کلي ٿو جيڪي عشق قبول ڪندا آهن.

 

معني جيڪڏهن دل جو دروازو نه کلي ته اندر حبس ٿي وڃي ٿو، ساهه کڻڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو، پر جيڪڏهن اندريان در کلندا ته تازه هوا ايندي ۽ ٻاهرين خوشبو جو پيغام ڏيندي. معني عاشقن کي تازي هوا ملي ٿي، هو آساني سان ساهه کڻي سگهن ٿا ۽ ٻيا ماڻهون جيڪي عشق کان بيخبر آهن انهن جي اندر سدائين حبس رهندو آهي ۽ هو تازه هوا کان محروم ٿي وڃن ٿا.

 

رب جي ثناء ڪندي وارث شاهه سندس قصي جي بُنياد وجهي رهيو آهي ۽ هن سان گڏ اهو ٻڌائي رهيو آهي ته آئون هير ۽ رانجهي جي عشق جو قصو لکي رهيو آهيان ۽ ڇو؟

 

هن سوچ جي بنياد ڇا آهي، ۽ جڏهن آئون هير رانجهي جون ڳالهيون ٻڌائيندس ته منهنجي ذهن ۾ هنن جو ماضي ڇا هي. جڏهن آئون هير ۽ رانجهي جو ميلاپ ڪرائيندس ته آئون هير جي بند دل جو دروازو کلندي ڏيکاريندس.